اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته اسمگلنگ جي ڪري معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهچي رهيو آهي، اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن جي خل??ف سخت ترين قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسمگلنگ جي روڪٿام بابت قدمن تي اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ناڻي ??ار?? وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو واپار بابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار شهزاد اڪبر، وزيراعظم جو روينيو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود خان، ڪامرس، پيٽروليم، بحري معاملن ۽ گهرو ڊويزن جي سيڪريٽرين، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.