اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي ??يئ??مين شهريار آفريدي چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ٿي ويو ته پلواما حملو پاڪستان جي خلاف ڀارتي سازش هئي. هڪ بيان ۾ شهريار آفريدي چيو ته پلواما حملي جو مقصد پاڪستاني ۽ ڪشميري حريت ڪارڪنن ۽ آزادي پسندن تي ان حملي جو الزام هڻڻ هو، ڀ??رتي انٽيليجنس جي پاڪستان مخالف ايجنڊائن تي ڪارروائي بي نقاب ٿي وئي، ڊس انفو ليب رپورٽ کانپوءِ هاڻي ارناب گ??ٽ به ڀارتي انٽيليجنس جو ڪڌو چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو.