اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ ڊجيٽ?? ميڊيا جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سماجي مسئلن، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت درست حڪمت عملي تحت عام ماڻهو کي ڪورونا وبا کان بچائڻ ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ جامع قدمن کنيا، مه??نگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن جا ثمر جلد عوام تائين پهچڻ شروع ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڊجيٽ?? ميڊيا انفلوئنسرز سان هڪ ويهڪ ۾ ڪيو. صدر چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽ?? ميڊيا جي اهميت گهڻي وڌي وئي آهي، اها عوامي راءِ بڻائڻ جو ذريعو آهي. هن چيو ته ڊجيٽ?? ميڊيا جا ڪيترائي رخ سامهون آيا آهن، ان سان جتي ماڻهن جو وڏو ت??داد فائدو کڻي رهيو آهي اتي ان جي استعمال جي باري ۾ اعتراض به ڪيا پيا وڃن جنهن ۾ جعلسازي جي ذريعي ماڻهن کي لُٽڻ ۽ ڪوڙيون ۽ من گهڙت خبرون پکيڙڻ جو ذريعو هجڻ به شامل آهي. هن چيو ته ميڊيا جي طاقت ۽ ذميداراڻي ڪردار ۾ توازن تعمير ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻو اهم آهي، صحت ۽ احتياط، خصوصي ماڻهن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ، سماجي قدرن ۽ اخلاقيات جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.