اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز اڄوڪي ڏ??نه?? عورت صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عورت صحافين پنهنجي قلم جي قو?? سان صحافت جي آزادي جي روشن روايتن کي برقرار رکيو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي ترقي ۽ عوام تائين صحيح معلومات جي فراهمي ۾ مردن وانگر عورت صحافي به اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. حڪومت صحافين خاص طور تي عورتن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته عورتون ان شعبي ۾ آزاداڻي ۽ بهترين انداز ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيون آهن، انهن لاءِ وڌي?? سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائڻ ل??ءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري قانون ۽ زينب الرٽ ايپ جاري ڪرڻ ??ار?? جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ کين ڪڌي ظلم کان بچائڻ ل??ءِ هڪ عملي قدم آهي.