ڪوئيٽا – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايئرپورٽ روڊ ڪوئيٽا تي عوامي اسپورٽس ڪمپليڪس جو دورو ڪيو. بلوچ??تا?? جي اسپورٽس واري سيڪريٽري عمران گچڪي ??را??يڪٽ تي تفيصلي بريفنگ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ قائم فٽبال ڪورٽ، جوگنگ ٽريڪ، فٽنيس جيم، اسڪوائش ڪورٽ ۽ ٻين سيڪشن جو به دورو ڪيو، بريفنگ دوران صدر کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي تعمير جنوري 2020ع ۾ شروع ٿي ۽ ڊسمبر ۾ مڪمل ٿي، اسپورٽس ڪمپليڪس ??را??يڪٽ کي 171 ملين روپين سان مڪمل ڪيو ويو آهي. صدر منصوبي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. اي پي پي/ر – م/ش – چ 13:46