اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خي??رپ??تونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم م??ڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ زراعت ۽ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گومل ??ام ڊيم م??صو??ي سان صوبي جي 160،000 ايڪڙ زمين پوکي جي قابل بڻجندي جڏهن ته سي آر بي سي لفٽ ڪينال م??صو??ي جي ذريعي 300،000 ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. وزيراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته انهن م??صو??ن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال ۾ خي??رپ??تونخوا صوبي ۾ 27 لک سياح سير ۽ تفريح لاءِ آيا جنهن سان 66 ارب روپين جو روينيو حاصل ٿيو آهي.