اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪر?? جي لاءِ جديد علم ۾ اعليٰ تعليم اهم حيثيت رکي ٿي، وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، چوڌري فواد حسين ۽ شفقت محمود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي ??يئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، منصوبابندي ڪميشن جي ??پٽي چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي سيالڪوٽ انجنيئرنگ يونيورسٽي قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان 16.69 ارب رپين جي ماليت جي منصوبي جي لاءِ ايڪنڪ منظوري ڏئي ڇڏي ??هي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي نصاب ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم شامل ڪئي پئي وڃي ۽ انهن ڪلاسن جي لاءِ نئون نصاب جلد جاري ڪيو ويندو. وزيراعطم چيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪر?? جي لاءِ جديد علم ۾ اعليٰ تعليم اهم حيثيت رکي ٿي تنهن ڪري حڪومت ان رخ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي.