اسلام آباد – 22 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (??ين سي او سي) جو دورو ڪيو. اين سي او سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود زمان خا?? صدر جو استقبال ڪيو. ان موقعي قومي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري، ??ين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل نگار جوهر به موجود هئا. وزيراعظم جي قومي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، ??ين سي او سي مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ ڊائر??ڪٽ?? جن??ل آپريشن اينڊ پلاننگ، ??ين سي او سي ميجر جن??ل آصف محمود گورائيه ڪورونا وائرس جي صورتحال جي مختلف پاسن، ??ين سي او سي جي فيصلن تي عملدرآمد، ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۽ وفاقي ڌرين جي وچ ۾ شاندار جامع طريقيڪار بابت بريفنگ ڏني، صدر کي ڪورونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ، صحت جي پروفيشنلز جي صلاحيت ۾ اضافو، ڪورونا مريضن لاءِ بيڊز جي دستيابي ۾ اضافو، اهم دوائن جي بنا رنڊڪ فراهمي، ڪورونا جي مريضن جي نشاندهي ۽ رابطن بابت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ ملڪ ۾ صحت جي نظام ۾ بهتري لاءِ قدمن کان آگاهه ڪيو ويو.