نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان مش?? جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آمريڪا سان وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن جو خواهشمند آهي، آمريڪا سان لاڳاپا پاڪستا?? جي لاءِ خاص اهميت رکندڙ آهن، افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي کي نه ورجايو وڃي، عالمي برادري افغانستان ۾ هڪ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي ترغيب ڏي. گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪائونسل آن فارن ريليشنز کي خصوصي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستا?? جي لاءِ آمريڪا اهم حصيدار آهي. آمريڪا اڃا به اسا?? جي سڀ کان وڏي برآمدي منڊيءَ ۽ پرڏيهي مٽاسٽآ جي ناڻي جو وڏو ذريعو آهي. آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجو بنيادي مقصد حاصل ڪري ورتو آهي. افغانستان ۾ آمريڪي فوجي مشن کانپوءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته 11 سيپٽمبر جي دهشتگرد حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا القاعده جي بنيادي قيادت کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجو بنيادي مقصد حاصل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ علائقائي سلامتي جي حوالي سان پاڪستا?? جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته آمريڪا پاران افغان مش?? جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان آمريڪا سان وڌيڪ گهڻ رخي ۽ وسيع البنياد لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي جنهن حوالي سان سڃاتو ويندو هو پاڪستان ان ”اڳوڻي روش کان ٻاهر نڪرڻ“ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير چيو ته نائن اليو?? جي دهشتگرد حملن کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪئي. هن چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا پاڪستا?? جي لاءِ خصوصي اهميت رکندڙ آهن، آمريڪا سڀ کان وڏي ايڪسپورٽ مارڪيٽ جو درجو رکي ٿي. پاڪستان جا ذهين نوجوان اڄ به تعليم جي لاءِ آمريڪي تعليمي ادارن جو رخ ڪن ٿا جڏهن ته آمريڪا ۾ رهندڙ سياسي طور تي متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ بطرفن لاڳاپن ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان اقتصادي ترجيحي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. اسان پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي لاڳاپ?? جي حوالي سان نئين امڪان?? جي ڳولائو آهيون. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان 220 ملين ماڻهن تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ آهي، جتي ٽيڪنالاجي ۽ قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع م??قعا موجود آهن، جتي آمريڪي ڪمپنيون سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿيون. پاڪستان گذريل 40 سالن کان افغانستان م جاري عدم استحڪام جي وڏي قيمت ادا ڪئي. شاهه محمود قريشي واضح ڪيو ته معاشي لحاظ کان مضبوط پاڪستان خطي ۾ استحڪام جو مظهر هوندو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ افغان سرحد جي بنهي طرفن روزگار ۽ معاشي خوشحالي حاصل ڪرڻ ۽ افغان عوام کي پنهنجي ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي ورجائڻ کان روڪڻ جي لاءِ هڪ مستحڪم حڪومت قائم ڪرڻ لازمي آهي. طالبان کي به دهشتگردي جي خاتمي، انساني حق?? جي تحفظ ۽ سياسي شموليت بابت پنهنجي واعد?? جي پاسداري ڪرڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري ممڪن انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان عوام جي فوري مدد کي يقيني بڻائي. ڪشمير جي حوالي سان پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان عهدو سنڀالڻ جي فوري پوءِ ڀارت کي ڳالهي?? جي آڇ ڪئي. ڀارت نه رڳو ان ام?? جي آڇ کي ٿُڏيو پر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي غيرقانوني قدمن ذريعي ??وري خطي کي غيرمستحڪم بڻائي ڇڏيو، ا?? جي باوجود ڀارت ڪشميري?? جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ ۾ ناڪام رهيو. سيد علي شاهه گيلاني جي لاڏاڻي تي ڀارت جي بوکلاهٽ ۽ غيرانساني رويي سڄي دنيا آڏو سندس پول کولي ڇڏيو. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جي پرامن حل ڳولڻ جي لاءِ پرعزم آهي پر اها ذميواري ڀارت تي آهي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهي?? جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري. اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري خودمختياري ۽ آزادي جي حق ??ي اصولن کي ڪشمير ۾ سياست جي ور چڙهڻ نه ڏيندي. پرڏيهي وزير شرڪت ڪندڙن پاران پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي پڇيل سوالن جا جواب ڏنا ۽ پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. تقريب ۾ ناليوارن تجزيه نگارن، ٿنڪ ٽينڪ ڪميونٽي جي ميمبرن کانسواءِ ميڊيا نمائند?? جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.