اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته رياست جي رٽ قائم ڪرڻ کانسواءِ انتها??سن??ي مان ڇوٽڪارو ممڪن نه آهي، موقف پيش ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي جڏهن ته ان کي زبردستي مڙهڻ صحيح نه آهي، اسان شدت ??سن??ي سان دنيا کي ت??اهه ٿيندي ڏٺو آهي، شدت ??سن??ي هن وقت ٻيو وڏو مسئلو آهي، اسان کي ڀارت کان ڪو خطرو نه آهي، اسان جي فوج دنيا جي ڇهين وڏي فوج ۽ اسان ائٽمي طاقت آهيون، ڀارت اسان جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، اسلام اعتدال ۽ امن جو درس ڏي ٿو، جيڪو شخص سيرت النبي ﷺ کي سمجهي ٿو اهو ڪيئن شدت ??سن?? ٿي سگهي ٿو؟ اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پيس اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته قانون جي عملداري يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، رياست جو ڪنٽرول ختم ٿيو ته جٿا قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺن ٿا. هن چيو ته حڪومت ۽ رياست شدت ??سن??ي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته پاڪستان صوفين جي سرزمين ۽ درگاهن جو مسڪن هو، هتي هڪ ٻئي کي مڃي هلڻ وارا ماڻهو هئا، ٽي سئو سال اڳ جو پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ڏسو ته هتي مذهبي شدت ??سن??ي ڪڏهن نه هئي. هن چيو ته ڪجهه سياسي سببن جي ڪري هتي اهڙو عنصر پيدا ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ان وڏي خطري ۾ وٺجي ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اهڙا استاد ڀرتي ٿيا جن انتها??سن??ي کي فروغ ڏنو. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته اسلام اعتدال ۽ امن جو درس ڏي ٿو، جيڪو شخص سيرت النبي ﷺ کي سجهي ٿو اهو ڪيئن شدت ??سن?? ٿي سگهي ٿو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته نرم روين جي لاءِ ماحول جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسان ماحول نه ٿا ڏئي سگهون، عام ماڻهو جي زندگي جو تحفظ نه ٿا ڪري سگهون، ڪو ٻيو موقف نه ٿو اچي سگهي ته سافٽ چينج ڪيئن ممڪن آهي؟ هن چيو ته مولانا حسن جان کي اها فتويٰ ڏيڻ تي شهيد ڪيو ويو ته خودڪش حملو اسلام ۾ جائز نه آهي. هن چيو ته اسلام جي تبليغ توازن تي ٻڌل آهي، اسلامي ت??ليم جي تشريح ڪندڙ فيصلو ڪن ٿا ته ڪهڙي فلسفي جي ڪهڙي ت??بير ٿيندي. هن چيو ته برطانيا مقامي لاء انفورسمنٽ نظام قائم ڪيو هو، اسان اهو نظام ته ختم ڪري ڇڏيو پر ان جو متبادل نظام نه آڻي سگهياسين، ان نظام جا ٽي وڏا ٿنڀ چوڪيدار، نمبردار ۽ ٿاڻيدار هئا، نمبردار جو انسٽيٽيوشن ختم ٿيڻ سان چوڪيدار جو نظام ختم ٿي ويو. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته پاڪستان جي تاريخي ڏٺي وڃي ته ڳالهيون وزيراعظم يا گهرو وزير نه پر ٿاڻيدار ڪندو هو. هن چيو ته جيڪا رياست قانون جي عملداري نه ڪرائي سگهي، ان جي بقاءَ تي تمام جلد سوال اٿن ٿا. اطلاعات واري ??فا??ي وزير چيو ته موقف جو فيصلو سوسائٽي کي ڪرڻو آهي. جيستائين اسان قانون جي عملداري کي يقيني نه بڻائينداسين ۽ رياست جي رٽ قائم نه ڪنداسين، شدت ??سن??ي جي لاءِ ڪو نرم رويو نه ٿو اچي سگهي.