اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي غيور عو??م پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي جو ب??ئي??اٽ ڪري ثابت ڪيو ته اهي سياسي بصيرت رکندڙ باشعور ماڻهو آهن جنهن تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، عدالتي حڪم اچڻ جي باوجو?? مخالف ڌر جو جلسن تي اصرار انهن جي عو??م دشمني جي عڪاسي آهي. پي ڊي ايم جلسي تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عو??م وزيراعظم عمران خان جي اپيل تي نه رڳو پاڻ کي ڪورونا کان محفوظ رکيو پر پي ڊي ايم جي عو??م دشمن ايجنڊا کي پڻ ناڪام بڻائي ڇڏيو، جلسي ۾ ماڻهن جي گهٽ دلچسپي ۽ شرڪت خيبرپختونخواهه جي عو??م جو مخالف ڌر تي عدم اعتماد جو واضح اظهار آهي.