لاهور – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم هڪ اهڙو جٿو آهي جنهن ۾ ڪنهن جو هڪ ٻئي ??ان جوڙ نه آهي، هر ڪو پنهنجي مفاد کي کڻي اڳتي وڌي رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) پنهنجي قيادت کي ڪلين چٽ ڏيارڻ جي لاءِ پريشر وجهڻ چاهي ٿي پر ان جي مئچ وزيراعظم عمران خان ??ان آهي جيڪو ناممڪن آهي، سينيٽ چونڊن کي اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي معاملي ۾ شفافيت تي ڳالهه ٿي رهي آهي، ان جي مخالفت اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن جيڪي چونڊن ۾ خريد ۽ وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جو پئسي تي ايمان آهي ۽ انهن پئسي تي ئي سياست ڪئي آهي ۽ پئسي جي ذريعي ئي ماڻهن کي خريد ڪيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ حڪومت اسيمبلي ۾ بل پيش ڪندي ته جيئن اهي ماڻهو بي نقاب ٿي سگهن جيڪي چونڊ عمل ۾ شفافيت نه ٿا چاهين. هو سُندس فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي صحافين ??ان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي سينيئر صحافين، دانشورن ۽ وڪيلن سميت مختلف شعبن ??ان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سدائين موقف رهيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت آندي وڃي ۽ وزيراعظم عمران خان به هڪ عرصي کان اها ڳالهه چئي رهيو آهي ته سينيٽ اليڪ??ن شفاف بڻايون وڃن ۽ان سلسلي ۾ سينيٽ جي 2018ع جي چونڊن ۾ ا??ان 20 ميمبرن کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو. هن چيو ته مخ??لف ڌر هڪ طرف چوي ٿي ته چونڊ عمل شفاف ٿيڻ گهرجي ۽ پاڻ ئي ان جي مخالفت ڪري ٿي، اهي چاهين ٿا ته منحوس طريقي ??ان خريد ۽ وڪرو ٿيندو رهي پر اها هڪ اهڙي ڪاز آهي جنهن تي ڪو بحث يا ڪو اعتراض نه هجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڊيوڊ روز جي معاملي تي احتساب وارو صلاحڪار قانوني نقطا واضح ڪندو پر مخ??لف ڌر جو اهو شيوو رهيو آهي ته اُها ڳالهه سمجهڻ کان اڳ مٺايون ورهائي ٿي جيئن جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ به ٿيو پر جڏهن اهي ترجمو ڪري يا تفصيلي ڏسن ٿا ته انهن کي شرمندگي ٿئي ٿي، اهڙن ڪيسز ۾ اڳ ۾ پيراميٽر طئي ٿين ٿا ۽ ايشوز کي فريم ڪيو وڃي ٿو پو??ِ بعد ۾ خبر پوي ٿي، مخالفن کي گهرجي ته اهي مٺايون نه ورهائين ڇو ته ان ڪيس ۾ اڃا تمام گهڻو سفر باقي آهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وزير چيو ته ا??ان جي اهڙن عنصرن ??ان ڪا ڊيل نه ٿي ٿي سگهي جن ملڪ کي ڦريو ۽ سرڪاري وسيلن کي ذاتي استعمال ڪيو هجي، اهڙيون ڳالهيون ا??ان جي بنيادي فلسفي جي خلاف آهن.