اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) وفاقي گادي وار?? شهر اسلام آباد مان سينيٽ جي س??ٽ تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي يوسف رضا گيلاني 169 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو جڏهن ته عبدالحفيظ شيخ کي 164 ووٽ مليا، 7 ووٽ رد ٿيا. رٽرننگ آفيسر ظفر اقبال پولنگ ۽ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو. قومي اسيمبلي هال ۾ سينيٽ جي وفاقي گادي وار?? شهر مان ٻن خالي سيٽن تي پوولنگ ٿي. پولنگ جي شروعات صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ڪل 342 جي اي??ان ۾ 340 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالاڪبر چترالي ووٽ جو حق استعمال نه ڪيو جڏهن ته اي?? اي 75 ڊسڪه جي سيٽ خالي آهي. رٽرننگ آفيسر جا فرض اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ظفر اقبال ادا ڪيا. قومي اسيمبلي هال کي بطور پولنگ اسٽيشن استعمال ڪيو ويو جتي ٻه پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا هئا. پولنگ بوٿ نمبر هڪ تي قومي اسيمبلي جي تڪ اي?? اي 1 کان اي?? اي 171 جڏهن ته پولنگ بوٿ نمبر ٻه تي اي?? اي 172 کان اي?? اي 342 تائين ووٽ رکيا ويا هئا. وزيراعظم عمران خان ٻنپهرن جو 12 وڳي جي لڳ ڀڳ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف، اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه، خواجه محمد آصف، علي وز??ر کي نيب ۽ پوليس جي حراست ۾ هجڻ جي ڪري اليڪشن ڪميشن جي خصوصي حڪمن تي ووٽ وجهڻ جي لاءِ پولنگ اسٽيشن تي آندو ويو. شهباز شريف ۽ خورشيد شاهه ڪافي دير اي??ان ۾ موجود رهيو. ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي بيلٽ تي ٽِڪ ڪرڻ بدران صحيح ڪري ڇڏي جڏهن ته بعد ۾ هن ٻيهر بيلٽ جي لاءِ رٽرننگ آفيسر وٽ ٻه جدا جدا درخواستون جمع ڪرايون جن تي هن فيصلو محفوظ ڪري ورتو. پولنگ جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف پاران ڪنول شوزب ۽ زين قريشي، مسلم ليگ (ن) پاران عطا تارڙ جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي پاران سيد نويد قمر ڳڻپ جي عمل ۾ شريڪ ٿيا. پهرين جنرل س??ٽ تي وڌل ووٽن جي ڳڻپ ٿي، پهريون ڀيرو ڳڻپ مڪمل ٿيڻ تي زين قريشي جي چوڻ تي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي. جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر يوسف رضا گيلاني ڪامياب ٿيو.