اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وزيراعظم جي قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي مو??عي تي جيڪڏهن ڪو ثابت ڪري ته ميمبرن جو تعداد 178 کان گهٽ هو ته عهدو ڇڏي ڏيندس، پريس گئلر?? پارليامينٽ جو حصو آهي، صحافين کي پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ هر قسم جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان گڏ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي مو??عي تي ڪيو. ان مو??عي ت?? پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي عهديدارن سميت ٻيون شخصيتون به موجود هيون. ميڊيا سينٽر ۾ رپورٽرز ۽ ڪئميرا مينن جي لاءِ مختلف سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. ان مو??عي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پريس گئلر?? پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ صحافين جي لاءِ سهولتن جي فراهم?? ۽ ??ظهار راءِ جي آزادي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪنداسين. وزيراعظم قومي اسيمبلي مان اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پوري ميڊيا موجود هئي هر ڪنهن ڏٺو فيصل واوڊا ۽ مو?? کي ڪڍي ڪل 178 ميمبر موجود هئا.