اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، شڪايتن جي ازالي لاءِ ايف بي آر سان رابطو وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي ٽيڪس محتسب صد?? کي سالياني رپورٽ سال 2020ع پيش ڪئي. صد?? چيو ??ه ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ٽيڪس عملدارن جي خلاف عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ ٽيڪس محتسب جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهي ضروري آهي، هن چيو ??ه ٽيڪس محتسب جي اداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪس محت??ب ٽيڪسن جي وصولي بهتر بڻائڻ ۽ بي ضابطگيون گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.