اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز 26 مارچ تي مريم نواز جي نيب پيشي تي سياسي جٿن جي استعمال جي ڌمڪي جي مذمت ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن کي قانون جي پڪڙ کان بچ?? جي لاءِ پرتشدد حربن جي اجازت نه ڏني ويندي، پوري قوم ??سي رهي آهي ته هڪ عورت سياسي پليٽ فارم استعمال ڪندي جواب ڏيڻ بدران اداري تي چڙهائي ڪرڻ وڃي رهي آهي. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پي ٽي ??ءِ جي سينيٽر شبلي فراز چيو ته مريم نواز جو گذ??يل ڏينهن يوٿ ڪنوينشن خطاب ۾ لهجو مايوس ڪندڙ هو، مريم نواز جو لهجو فهم ۽ فراست کان آجي ماڻهو جو لڳي رهيو هو. هن چيو ته فضل الرحمان سدائين مذهب ۽ دين کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، انهن ماڻهن سياست کي غيرقانوني ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي.