اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وفاقي زرعي ڪميٽي (ايف سي اي) جو اج??اس غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ٿيندڙ اج??اس ۾ ربيع جي مند 21 -2020ع جي فصلن جو جائزو ۽ ربيع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا. ربيع جي فصلن جي جائزي دوران ٻڌايو ??يو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دوران ڪڻڪ جي پيداوار جو ڪاٿو 26.04 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، مجموعي طور تي 9.191 ملين، هيڪٽرز زمين تي ڪڻڪ پوکي وئي، ايف سي اي کي ٻڌايو ??يو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دوران پٽاٽي جي پيداوار جو ڪاٿو 5742.7 هزار ٽن آهي جڏهن ته 226.1 هزار هيڪٽرز تي پٽاٽو پوکيو ??يو آهي، هلندڙ مند دوران پٽاٽي جي پيداوار ۽ گذريل سال جي مقابلي ۾ 829.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اج??اس ۾ ٻين ضروري جنسن چڻن، دالين، بصر، ٽماٽي جي پيداوار جو به جائزو ورتو ويو، اج??اس ۾ ايندڙ مند خريف 22 -2021ع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا، خريف دوران ڪپهه جي پيداوار جو هدف 10.5 ملين ڳٺڙيون مقرر ڪيو ??يو جڏهن ته 2.33 ملين هيڪٽرز تي ڪپهه جي پوک ڪئي ويندي، چانور جي پيداوار جو هدف 3.07 ملين مقرر ڪيو ويو، اج??اس دوران ٻين فصلن مڪئي، مڱ، ماش، مرچن جا هدف به مقرر ڪيا ويا، ايندڙ مند 22 -2021ع دوران ڪمند جي پيداوار جو هدف 74.84 ملين ٽن مقرر ڪيو ??يو جڏهن ته 1.18 ملين هيڪٽرز رقبي تي ڪمند پوکي ويندي، خريف جي مند 22 -2021ع دوران زرعي شين جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.