اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام دل ۽ جان سان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪنهن به قسم جو ظالماڻو ڏاڍ ۽ سفاڪيت ان جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ قومي روزاني ۾ لکيل پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي آرٽيڪل ۾ لکيو ته هن سال 5 آگسٽ تي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪر?? جي ڀارتي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي ٻه سال ٿي ويا آهن. اهي ٻه سال ان تلخ ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته هن جديد دور ۾ به اسان جا ڪشميري ڀينر ڀائر هڪ سفاڪ فوجي قبضي هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هي ڏينهن اسان کي ا?? ڳالهه جو به احساس ڏياري ٿو ته بهادر ڪشميرين جي آزادي جو جذبو جنهن جو بنياد انهن جي ابن ڏاڏن ڊوگرا راڄ جي خلاف پنهنجي آزادي جي تحريڪ ۾ وڌو، اڃا به تازو آهي. ڪشميري پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪر?? جي لاءِ گذريل 7 ڏهاڪن کان جدوجهد ڪري رهيا اهن ۽ ڪنهن به قسم جو ظالماڻو ڏاڍ ۽ سفاڪيت انهن جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. هن لکيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام دل ۽ جان سان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. اسان سدائين کان ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارد??دن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آ??يو??. پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ۽ آزادي کي حاصل ڪر?? جي لاءِ سدائين کان پرعزم آهي ۽ رهندو. حڪومت ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪر?? جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪشمير تڪرار قومي سلامتي ڪائونسل ۾ بحث هيٺ آيو. عالمي سربراهن ۽ عالمي صحافين پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڀارت جي خلاف آواز بلند ڪيو ويو. آرٽيڪل ۾ اهو به لکيو ته وزيراعظم، سندس ڪابينا ۽ اسان جي پارليامينٽ ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري ڀارتي وحشياڻي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪئي آهي. زميني صورتحال ۽ قابض ڀارتي فوج جي هڪطرفي غيرقانوني قدم مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته ڪشميرين جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جو منصوبو زور شور سان جاري آهي. جبري طور تي آبادياتي تناسب تبديل ڪر?? جي لاءِ صدي پراڻي شهريت جي قانون کي تبديل ڪرڻ انهي منصوبي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. دنيا ۾ اهڙن قدمن سان مقامي آبادي ۽ قابضن جي وچ ۾ تلخين ۾ سدائين اضافو ٿيو آهي. ڪشميري مسلمان پنهنجي قابضين جي ا?? آبادياتي منصوبي کان چڱي ريت واقف آهن. ڀارت ان حڪمت عملي کي پهريون ڀيرو هند جي ورڇ جي مرحلي ۾ استعمال ڪيو. نومبر 1947ع ۾ مهاراجا جي سرپرستي هيٺ ڊوگرا ٽيم فوجي دستن ۽ آر ايس ايس جي بلوائين اٽڪل 3 لک ڪشميري مسلمانن جو وحشياڻو قتل ڪيو. اها خونريز نسل ڪشي ڄمون جي ا??ڪل 10 لک ڪشميرين جي جبري لڏپلاڻ جو سبب بڻي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو قتلام حڪومتي سرپرستي ۾ ڄمون، جتي مسلمان ڪل آبادي جو 60 سيڪڙو ۽ واضح اڪثريت هئي، جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو هو. ان نسل ڪشي ۽ جبري لڏپلاڻ سان ڄمون ۾ مسلمان اڪثريت کي ا??ليت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو مصنوعي آبادياتي تناسب اڄ تائين قائم آهي. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي ئي هڪ خطري جا بادل ڪشميرين تي ڇائنجي رهيا آهن. آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلي کانسواءِ ڀارتي حڪومت گذريل 131 سالن کان علائقي جي سرڪاري زبان اردو جو استعمال گهٽ ڪر?? جي لاءِ هڪ قانون منظور ڪيو آهي. عوامي جاين جا مسلمان نالا به تبديل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته جبري حدبندي جي ذريعي مسلمانن جي نمائندگي کي مصنوعي طور تي گهٽ ڪرڻ جا قدم ڪشميرين جي منفرد سڃاڻپ ختم ڪر?? جي هڪ ٻي سازش آهي. اهي قدم ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني منسوخي سان ئي ممڪن ٿيا آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي آئين جي ڪنهن به آرٽيڪل لاڳو ڪرڻ کي ڪڏهن به تسليم نه ڪيو، پر آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي منسوخي جي نتيجي ۾ زميني صورتحال ۾ گهري تبديلي آئي آهي. اها ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قرارد??دن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائ?? جي لاءِ ڀارت ظالماڻن قدمن ذريعي ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هر ڪشميري تي هڪ ڀارتي فوجي مڙهيل آهي. اڄ هزارين سياسي اڳواڻ، استاد، ڪارڪن، صحافي ۽ شاگرد ڪارن قانونن ۽ ڪوڙن الزامن تحت جيلن ۾ قيد آهن. انهن سان غيرانساني ۽ اڻوڻندڙ سلوڪ جي ڪري ا??هن جي جان کي خطرو آهي. صدر لکيو ته بي جي پي حڪومت اهو ثابت ڪيو آهي ته هندوتوا نظريي سان ڪشمير جي سياسي تشخص، تاريخي ورثي، علائقائي ا??ن ۽ عالمي قدرن کي خطرا آهن. بي جي پي جي اثر هيٺ ڀارت طاقت جي استعمال ۽ فوجي مهم جوئي جي ذريعي خطي ۾ بالادستي ۽ زميني حقيقتون تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسانيت سوز ڪاررواين تان ڌيان هٽائ?? جي لاءِ ڀارت پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪر?? جي لاءِ هڪ منظم مهم شروع ڪري رکي آهي. ڀارت جي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه مهم ۽ دهشتگردي جي پٺڀرائي تي پاڪستاني رپورٽ مان واضح آهي ته ڀارت اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. تازو ئي يورپي يونين جي عالمي شهريت يافته ڊس انفو ليب جعلي غيرسرڪاري تنظيمن ۽ جعلي ويب سائيٽس جي ذريعي گڏيل قومن ۽ يورپي پارليامينٽ کي گمراهه ڪر?? جي لاءِ پاڪستان کي بدنام ڪر?? جي چال جو پڙدو فاش ڪيو. اهڙي طرح هڪ عالمي ڀارتي عهديدار به ايف اي ٽي ا??ف جي ٽيڪنيڪي فورم کي سياست زده ڪرڻ ۽ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رک?? جي لاءِ ڀارتي اثررسوخ استعمال ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. ان ڏس ?? پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم سوال پيدا ٿين ٿا. اڄ اسان پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ تي مجبور آ??يو?? ته ڇا موجوده ڀارتي حڪومت هڪ ذميوار اڪائي آهي يا پوءِ هڪ شدت پسند هندوتوا راڄ، جنهن تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي؟ ڀارتي فوجي تسلط جي خلاف ڪشمير جي مقامي آزادي جي جدوجهد کي سدائين کان عوامي حمايت حاصل رهي. پنهنجي تازين ڪاررواين جي ڪري پرتشدد هندوستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنجي رهيل سهيل حمايت به وڃائي چڪو آهي. ظلم ۽ رياستي ڏاڍ جي مقابلي ۾ ڪشميرين سدائين بهادري، اڻٿڪ عزم ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. ڪشميري سلامتي ڪائونسل جي قرارد??دن تحت تسليم ٿيل سياسي حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي تسلط جي خلاف منهن ڏيندا رهندا. پاڪستان ڪشميرين جي خراب حالت تي عالمي ضمير کي جنجهوڙندو رهندو. آئون عالمي دنيا کي ا??يل سان گڏوگڏ انهن کي ا?? ڳالهه جي ياد ڏياريندو هلان ته اها ڪشميري عوام ۽ انسانيت جي قدرن تحت ڪشميرين کي سلامتي ڪائونسل جي قرارد??دن موجب خودمختياري جو حق ڏي?? جي پابند آهي. ڪشميرين سان ڪيل خودمختياري جي حق جو واعدو اڄ به اڌورو آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري عوام کي ڀارتي تسلط کان آزادي ملندي. انشاءَ الله.