اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ بائونڊريز کي ??بور ڪرڻ کان وٺي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تائين ڪاميابي جو تصور ذهني غلامي کان آزاد، پاڪ ۽ حقيقت تي ٻڌل سوچ رهيو آهي، ماضي ۾ عمران خان ڪرڪريٽ جي سنهري دور ۾ پاڪستاني ٽيم جو هڪ اهڙي نوجوان رانديگر جي طور تي اڀري سامهون آيو جيڪو مغربي ڪرڪيٽرز جي شان ۽ شوڪت نه آيو پر هن سدائين پنهنجي بهترين ڪارڪردگي تي ڀاڙيو.
وزيراعظم عمران خان ڪيترن ئي موقعن تي چئي چڪو آهي ته کيس 16 سالن جي عمر ۾ پنهنجي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ شروع ڪئي ۽ پنهنجي ساٿي رانديگرن جي ان موقف سان ڪڏهن به اتفاق نه ڪيو ته مغربي ٽيمن کي ??ڪست نٿي ڏئ?? سگهجي، هن پاڪستاني ساٿي رانديگرن جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي ته هو اهڙي ذهني ڪيفيت مان ن??ري پاڻ تي يقين ڪن، انهي جذبي تحت پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ڪپتان عمران خان جي قيادت ۾ 1992ع جو ورلڊ ڪپ کٽيو جيتوڻيڪ ان وقت ماهرن پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي وچولي درجي جي ٽيم قرار ڏنو هو.
وزيراعظم عمران خان سياست ۾ به انهي ذهني پختگي، عزم ۽ ولولي سان پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ??ري رهيو آهي. سماجي ويڇن جي چئلينجن کي منهن ڏيندڙ پاڪستاني قوم کي هو وزيراعظم طور اهو مشورو ڏيندو رهيو آهي ته هو پنهنجي ذهنن کي ٻين ثقافتن جي ذهني غلامي کان آزاد ڪن. هن تازو ئي ملڪي تاريخ جو پهريون هڪجهڙو قومي نصاب جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو ته غلام ذهن ڪڏهن به ڪو وڏو ??ارنامو انجام نٿو ڏئ?? سگهي، صرف جدت تي ٻڌل اصل سوچ ئي ان کي ??عزازن سان همڪنار ڪر?? سگهي ٿي،
هڪجهڙو قومي نصاب وزيراعظم عمران خان جي خواب جي تڪميل آهي، سندس پارٽي جو ٻن ڏهاڪن کان اهو منشور رهيو آهي ته قوم کي گڏيل اختلاقيات ۽ اخلاقي قدرن تي متحد ڪيو وڃي,وزيراعظم عمران خان اهڙي تعليمي نظام کي فروغ ڏيڻ جي حق ۾ نه آهي جنهن جو مقصد ڪم??ري يا بر??ري جي بنياد تي مختلف سماجي طبقن جي وچ ۾ هڪ وسيع ويڇو پيدا ڪرڻ هجي. هن جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه افسوسناڪ آهي ته انگريزي زبان سکڻ جي حد تائين محدود ناهي رهي پر اها هڪ اسٽيٽس سمبل بڻجي وئي آهي،
عمران خان جو اهو چوڻ آهي ته ذهني غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ وڌيڪ مشڪل آهي ۽ اسان قوم کي ??هڙي ذهني ڪيفيت مان ڪڍڻ لاءِ پرعزم آهيون، ڪا به قوم ان وقت تائين اعليٰ منزلون طئي نٿي ڪر?? سگهي جيستائين هو پنهنجي حقيقي قدرن ۽ اخلاق تي نه ڀاڙي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته بدقسمتي سان جهڙي طرح اسان جو نظام تيار ٿيو، اسان انگريزي کي ??رف اعليٰ تعليم جي لاءِ زبان جي طور تي نٿا سکون پر اسان ان جي بدران پوري ثقافت کي ??ختيار ڪريون ٿا جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي.
وزيراعظم جو اهو موقف آهي ته ٻين جي ثقافت کي ??ختيار ڪرڻ ذهني غلامي جو سبب بڻج?? سگهي ٿو جيڪي حقيقي سوچ ۽ جدت جي رستي ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي، جڏهن توهان ڪنهن جي ثقافت اختيار ڪندا آهيو ته توهان ان کي ??عليٰ سمجهندا آهيو ۽ ان جا غلام بڻجي ويندا آهيو. هن جو چوڻ آهي ته اها ذهني غلامي جي هڪ اهڙي نظام جو نتيجو ٿئي ٿو جيڪو جسماني غلامي کان بدتر آهي، ڪنهن جي نقل ڪرڻ صرف نقل ٿ?? سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح هو هڪ سٺو علام بڻجي ويندو آهي جيڪو صرف روايتن کي ??ختيار ڪرڻ ۽ نقل ڪرڻ لاءِ هوندو آهي ۽ هو ان کان ڪڏهن به ڪجهه وڌيڪ حاصل نٿو ڪر?? سگهي.
وزيراعظم عمران خان قومي نصاب جاري ڪرڻ جي تقريب جي موقعي تي افغانستان ۾ رونما ٿيندڙ صورتحال جو ذڪر ڪيو هو، ان جو اصل ۾ اهو چوڻ هو ته صرف جسماني غلامي جو خاتمو ڪافي ناهي پر ذهني غلامي مان نڪرڻ وڌيڪ اهم آهي،
وزيراعظم عمران خان چيو هو ته تازو ئي افغانستان ۾ غلامي جون زنجيرون ٽٽيون آهن تنهن هوندي به هن اها ڳالهه واضح ??ري ڇڏي هئي ته ذهني غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ مشڪل ترين ڪم آهي، هن ان ڳالهه جو اظهار افغان قوم جي تعليم تائين پهچ جي اهميت ۽ دنيا جي سامهون انهن جي ذهني ڪيفيت جي پيش نظر ڪيو هو.اها هڪ حقيقت آهي ته خطي جي مسئلن جو هڪ بنيادي سبب سستي تعليم تائين پهچ نه هجڻ آهي، ڪنهن قوم ۽ پوري خطي جي لاءِ تعليم کانسواءِ پاڻ کي ??ڳتي وڌائڻ ناممڪن آهي، عالمي شهرت يافته آفريقي اڳواڻ نيلسن منڊيلا ??ڪ دفعو چيو هو ته تعليم دنيا جو سڀ کان طاقتور هٿيار آهي جنهن کي ??نيا کي ??بديل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪر?? سگهجي ٿو، وزيراعظم عمران خان ذهني غلامي جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جي باري ۾ جيڪو بيان ڏنو اهو خطي جي گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل ملڪن جي لاءِ رهنمائي آهي ته هو پاڻ تي يقين رکندي ترقي جي ايجنڊا کي ??ڳتي وڌائين.