ا??لا?? آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شاگردن جي اخلاقي تربيت جي حوالي سان تدريسي حصي ۾ اضافي ۽ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ وڌايو وڃي جڏهن ته ڪورونا جي ڪري تعليمي نقصان کان بچڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هو ڪيپيٽل يونيور??ٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪانلاجي (ڪسٽ) ا??لا?? آباد بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. ڪسٽ يونيور??ٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمند منصور احمد يونيور??ٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت صدر کي بريفنگ ڏني. ان موق??ي تي صدر يونيورستين تي زور ڏنو ته اهي ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائين، ايڇ اي سي جو خصوصي ماڻهن کي ٽيوشن فيس ۽ هاسٽل فيس جي مد ۾ ڇوٽ ڏيڻ خوش آئنده آهي. صدر چيو ته يونيورسٽيون شاگردن جي اخلاقي تربيت جي حوالي سان تدريسي حصي ۾ اضافو ڪن، يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ ۽ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪسٽ يونيور??ٽي پنهنجي ويزن کي جديد گهرجن موجب آڻيندي مقصد حاصل ڪرڻ جي مدو تعين ڪري. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيور??ٽي جو آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏي جڏهن ته يونيور??ٽي فاصلاتي تعليم جو مقدار وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪورونا جي ڪري قيمتي تعليمي وقت جو زيان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر يونيورسٽين جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون انڊسٽري جي ضرورتن موجب شاگردن کي هنر سيکارين. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽ يونيور??ٽي ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پاليسي تي عملدرآمد شڊروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪسٽ يونيور??ٽي مان هيستائين 19 هزار کان وڌيڪ شاگرد فارغ التحصيل ٿي چڪا آهن، مختلف پروگرامن ۾ هن وقت 5 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. بريفنگ مجب ڪسٽ يونيور??ٽي سال 21 – 2020ع ۾ 14 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جون اسڪالرشپس ڏنيون. صدر تعليمي شعبي ۾ ڪردار ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نئين پاليسي اختيار ڪرڻ تي ڪسٽ يونيور??ٽي کي ساراهيو.