لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته پن??اب ۾ انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ موثر ۽ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ قيمت تي فر??همي يقيني بڻائي وڃي، ٿاڻن تائين عوام جي پُهچ ۽ انهن جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ جامع طريقيڪار جوڙيو وڃي، پوليس سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فر??همي کي يقيني بڻائي. هن اها ڳالهه هتي انتظامي ڍانچي جي بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پن??اب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پن??اب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پن??اب سردار علي خان شرڪت ڪئي. پن??اب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پن??اب جي انتظامي فيصلن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو ويندو، مهانگائي ??ي ضابطو آڻڻ ۽ سهرين کي ??ني??دي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمت تي فر??همي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان کانسواءِ پن??اب ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل اولين ترجيح آهي، پن??اب ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان کي آءِ جي پن??اب سردار علي خان سڄي صوبي ۾ پوليس جي اصلاحي ترجيحن تي بريفنگ ڏني. پن??اب پوليس عوام جي ??ني??دي مسئلن ۽ شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڏيندي چيو ته پن??اب ۾ انتظامي ڍانچي کي عوام جي سهولت لاءِ وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ان کانسواءِ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي فر??همي گهٽ قيمت تي يقيني بڻائي وڃي، وزيراعظم عمران خان خاص هدايت ڪئي ته عوام جي پوليس اسٽيشن تائين پهچ ۽ ان جي شڪايتن جي فوري داد رسي لاءِ موثر ميڪنزم جوڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي زور ڏنو ته پوليس ڪنهن به قسم جي سياسي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فر??همي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي.