اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته پاڪستان برطانيه س??ن پنهجي لاڳاپن کي اعليٰ ترجيح ڏئي ٿو. گڏيل فائدي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا. هن اها ڳ??لهه ايوان صدر ۾ لارڊ واجد سان ملاقات دوران ڪئي. صدر ان کي پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ??نهن جي ڪري ڪووڊ – 19 وبائي مرض کي ڪاميابي سان قابو ڪيو ويو، هن گذريل 20 سالن دوران دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي به روشني وڌي. افغانستان جي صورتحال جي باري ۾ خيالن جي مٽاسٽا ڪندي صدر چيو ??ه پاڪستان افغانستان کي انساني امداد فراهم ڪئي آهي، ۽ 12 هزار کان وڌيڪ افغان ۽ غير ملڪي شهرين جي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي. هن ٻڌايو ??ه پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان تقريبن 40 لک افغانين جي ميزباني ڪري رهيو ??هي ان کانسواءِ هو افغانستان جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ به پنهنجو حصو وجهي رهيو ??هي، صدر عارف علوي لارڊ واجد کي هائوس آف لارڊ تائين ترقي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ??ه اها ڪاميابي برطانيه جي عوام ۽ قيادت پاران ان جي ويزن جي احترام جي عڪاسي ڪري ٿي. صدر ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جي باري ۾ خدشن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ لارڊ واجد جي ڪوششن کي ساراهيو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ت?? هو ڀارتي قابض فوج پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه ماڻهن جي خلاف جاري دهشتگرداڻي ڏاڍ جو نوٽيس وٺي ۽ ڀارت کي ان جي ڪڌي عمل جو جوابده بڻائي، لارڊ واجد خ??ن پاڪستان کي ڪووڊ 19 جي وبا کي ڪامياب طريقي سان منهن ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان سلسلي ۾ پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي واکاڻ ڪئي.