اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۾ مثبت سوچ ۽ طرز عمل کي فروغ ڏيڻ لاءِ ذميداراڻو انداز اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته مڪمل هم آهنگي ۽ قوم جي ث??اف??ي تنوع کي اتحاد ۾ بدلائڻ جي لاءِ امن ۽ رواداري جي قدرن تي ٻڌل پاڪستان جو ث??اف??ي بيانيو وقت جي اهم ضرورت آهي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ”قوم?? يڪجهتي ۽ ث??اف??ي هم آهنگي“ جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان جي ث??اف?? سمورن صوبن ۽ قوميتن جي رسم ۽ رواج جو حسين امتزاج آهي. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت تحت قومي ورثه ۽ ث??اف?? ڊويزن جي اهتمام هيـٺ ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان اسڪالرز شرڪت ڪئي ته جيئن قومي ث??اف??ي انضمام جي موضوع تي غور ڪري سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان جي ث??اف?? گڏيل بقاءُ ۽ هم آهنگي جي تصور سان جڙيل آهي، قوم کي سماجي قبوليت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ رهنما اصول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مذ??ب ۽ خواهشن جو گڏيل عمل ??جه?? وقت پاڻ کي رواداري ۽ برداشت جي رستي تان هٽائي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪنهن خاص عقيدي کي ٻين تي مڙهيو ويندو آهي ته مصيبتون ۽ تڪرار سامهون ايندا آهن، هن چيو ته اسلامي ث??اف?? ملڪ جي سماج کي پاڻ ۾ گڏي سگهي ٿي جيڪا هم آهنگي تي زور ڏيندي آهي، هن قوم تي زور ڏنو ته هو مذهب جي آڙ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي فروغ ڏيندڙن کان هو??يا?? رهي، اهڙي طرح سامجي تڪرارن کي هوا ڏني ويندي آهي، هن صوفي بزرگن جي پيغام کي فروغ ڏيڻ تي به زور ڏنو جنهن ۾ دلين کي جوڙڻ جي لاءِ رواداري تي ڌيان ڏنو ويو. صدر عارف علوي چيو ته ٻه قومي نظريو پاڪستان جي نظرياتي بنياد آهي جنهن هڪ قوم جي ڌار مذهبي، ث??اف??ي ۽ روايتي شناخت تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته اڄ جي هندستان ۾ هندو انتهاپسند آر ايس ايس مسلمانن جي ث??اف??ي شناخت کي مٽائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ خبردار ڪيو ته اها صورتحال پاڻ ڀارت کي ث??اف??ي تباهي جي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي، ان موقعي تي صدر معاشري ۾ مثبت سوچ ۽ طرز عمل کي فروغ ڏيڻ لاءِ قوم ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندڙ جعلي خبرن جي رجحان کي ترڪ ڪري ذميداراڻي انداز اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو.