اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي سرگرمين جي فروغ لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت جي بنيادي ڍانچي جي ??عم??ر جي لاءِ پرعزم آهيون، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ملڪ جي قيمتي مالي وسيلن جي بچت جي لاءِ معياري ۽ گهٽ لاڳت جا رستا ??عم??ر ڪيا و??ن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ – کاريان راولپنڊي موٽروي جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ?? مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ??يو ته اسان جو مقصد ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ بهتر ۽ گهٽ لاڳت رستا ??عم??ر ڪرڻ آهي، سيالڪوٽ – کاريان موٽروي جي راولپنڊي تائين توسيع جو منصوبو گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ان سان علائقي ۾ سامان ۽ خدمتن جي موثر چرپر کي يقيني بڻائي سگهبو. وزيراعظم ??ي ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي نه رڳو وڌيڪ نوان رستا ٺاهي رهي آهي پر بهتر معيار ۽ گهٽ لاڳت جي رستن جي ??عم??ر لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم ??ي ٻڌايو ويو ته 1753 ڪلوميٽر جي نئين رستن جا منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. چئن ڦاڪن وارو رستو 17 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان ??عم??ر ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اڳوڻي حڪومتن جي دورن ۾ اهو رستو 37 ڪروڙ رپيا في ڪلو ميٽر جي حساب سان ??عم??ر ڪيو ويندو هو. تازو ئي شروع ٿيندڙ سيالڪوٽ – کاريان موٽروي اڳوڻي حڪومت پاران ??عم??ر ڪئي ويندڙ سيالڪوٽ – لاهور موٽروي کان 10 ڪروڙ رپيا في ڪلوميٽر گهٽ لاڳت سان ??عم??ر ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ملڪ جي قيمتي مالي وسيلن کي بچائڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ ممڪن لاڳت تي معياري انفراسٽرڪچر جي ??عم??ر جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا و??ن.