اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??ان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستا?? جي دوري تي آيل بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ وفد سان گڏ پرڏيهي وز??رت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا موجود آهن. پرڏيهي وزير ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ واپاري لاڳاپ?? جي فروغ جي لاءِ وفد?? جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پ??ڪستان ۽ بوسنيا جي وچ ۾ گڏيل اقتصادي ۽ واپاري ڪميشن جا اجلاس باقاعده منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاو?? جي فروغ لاءِ طئي ٿيل معاهدي تحت شاگردن، استادن ۽ محقق?? جي مٽاسٽا ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. بوسنيا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسير اترڪووچ شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??ا ٿورا مڃيا.