اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد جي ورسيءَ تي ننڍا ننڍا سياستدان پنهنجي قد کان به ??ڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي جهڙي وڏي سياسي پارٽي کي زردارين ٽڪي ٽوڪري ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ هن چيو ته ڀٽو جهڙي قدآور سياستدان جي سياست اڄ سياسي ڄامڙن جي حوالي آهي، جڏهن سياسي پارٽين جو اسٽرڪچر نه هجي ته پوءِ اهڙ?? نقصان ٿيندو آهي.