اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده ع??ب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ 17 جنوري 2022ع تي ابوظهبي ۾ شهري سهولتن جي مرڪز تي حوثي ويڙهاڪن جي المناڪ دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ متحده ع??ب امارات جي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ??يو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ م??ن جاري بيان موجب وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته اهڙن حملن جو ڪو به جواز نه آهي ۽ اهڙن حملن کي فوري روڪڻ جي ضرورت آهي جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ شديد خطرو آهن. وزيراعظم ان حملي جي متاثرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ??يو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد محمد بن زيد وزيراعظ?? عمران خان پاران ڀرپور حمايت جي اظهار تي ان جو ٿورو ادا ڪندي ان المناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ??يو.