اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم عم??ان خان ڪئناڊا جي وز??راعظم جسٽن ٽروڊو پا??ان اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ وز??راعظم چيو ته جسٽن ٽروڊو پا??ان اسلامو فوبيا جي مذمت ۽ موجوده دور جي ان لعنت جي خاتمي لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪريان ٿو. وز??راعظم چيو ته جسٽن ٽروڊو جي ان وقت سر ترغيب ۾ ان دعوت جي گونج آهي جيڪا آئون هڪ عرصي کان دنيا کي ڏئ?? رهيو آهيان. وز??راعظم چيو ته اچو گڏجي ان آفت جي خاتمي جو بندوبست ڪريون.