اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ??ه جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن اها هدايت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، قانون واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ??ان ڳالهائيندي ڏني جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي ۾ جاري مختلف ترقياتي اسڪيمن ??ان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي ڪارڪردگي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ جاري سمورين ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ??ه جيئن ماڻهن کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي. هن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع پيدا ڪر?? جي لاءِ ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي فروغ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻ?? جي پڻ هدايت ڪئي.