اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمي?? جو مسئلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود پراڻن مسئلن مان هڪ آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام عالمي برادري طرفان ??ودمختياري وارو حق ڏيارڻ جو واعدو پورو ٿيڻ جي اڄ به منتظر آهي، سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ پنه??جا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو.