اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي و??ير????ظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته فورس ۾ رجسٽرڊ نوجوانن جو انگ 8 لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي، و??ير????ظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ و??ير????ظم ڪرونا رليف ٽائيگر فورس جي آپريشنل معاملن جو جائزو ورتو ويو. و??ير????ظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ڪابينا ميمبرن کي ڪرونا رليف ٽائيگر فورس بابت تازن انگن اکرن تي ٻريفنگ ڏني. و??ير????ظم عمران خان رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي فورس کي صوبائي سطح تي فوري طور تي متحرڪ ڪر?? جي هدايت ڪئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٽائيگر فورس جي لائيو اپ ڊيٽ کي ڪووڊ 19 جي سرڪاري ويب سائيٽ تي پبلڪ ڪيو ويو آهي.