اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي اڏاو??ن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٻن آرڊيننس جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، آرديننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙ?? جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن، اهو ??دم ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي لاءِ وزيراعظم عمران خا?? جي ويزن موجب رليف هيٺئين سطح تي پهچائڻ لاءِ هڪ قانوني ڪوشش آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي اڏاو??ن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي آرڊيننس آندو پيو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سان گڏوگڏ ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ضروري شي?? جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي آرڊيننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙ?? جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪيون ويون آهن. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 اپريل جي فيصلن، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 8 ۽ 9 اپريل جي فيصل?? جي توثيق ڪئي.