اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۽ قوم ج?? ترقي ۽ خوشحالي ۾ معياري تع??يم جي فراهمي اهم حيثيت رکي ٿي، ان حوال?? سان موقعا فراهم ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هو هتي خيبرپختونخوا صوبي ۾ هائير ايجوڪيشن جي فروغ جي حوال?? سان قدمن جي جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تع??يم وارو وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين طارق بنوري، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جو صلاحڪار خليق الرحمان، خيبرپختونخوا جو چيف سيڪريٽري ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف يونيورسٽين جا موجوده ۽ اڳوڻن وائيس چانسلرز ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿا.