اسلام آباد – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ کنڊ عوام جي بنيادي ضرورت آهي تنهن ڪري انهن جي دستيابي ۽ مناسب قيمت کي ??قيني بڻايو وڃي. هو مل?? ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي ??لڪ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي جي صورتحال، نجي ۽ سرڪاري سطح تي ڪئي ويندڙ درآمد ۾ هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي.