اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان ??يو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور عوام جي عملي خدمت ڪرڻ آهي، سرڪاري ادارن کي هر صورت عوام جي خدمت جو پابند بڻايو وڃي، گورننس سسٽم جي بهتري عوام ۽ سرڪاري ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطن سان مشروط آهي، ??زي??اعظم آفيس پاران جاري بيان موجب سرڪاري ادارن، کاتن ت??ئين ڪمزور طبقي جي پهچ وڌيڪ آسان بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، پ??ڪستان سٽيزن پورٽل شهرين جي حصيداري گورننس جي فروغ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي مسئلي جي حل لاءِ سرڪاري ادارا موثر خدمتون فراهم ڪري سگهن، ??زي??اعظم جي هدايت تي ملڪ جو سڀ کان وڏو شڪايتن جو نظام مڪمل فعال ٿي ويو آهي، سڀني صوبن ۾ سٽيزن پورٽل تي آفيسرن جا 8 هزار 864 ڊيش بورڊز کي ذميداري سونپي وئي آهي، جيڪو ??زي??اعظم عمران جو ڪمزور ۽ بي سهارا ماڻهن لاءِ هڪ وڏو قدم آهي، ان سلسلي ۾ ??زي??اعظم آفيس سڄي ملڪ جي 8 هزار 884 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسن، سڀني وفاقي سيڪريٽريز، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ت??ت سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي ??يش بورڊ کان ??مزور طبقي جون شڪايتون داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ خاص طور بزرگ شهرين، بيواهه عورتن، معذور ماڻهن جي سهولت لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.