فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايڪسپورٽرز، ٽيڪسٽائيل مينوفيڪچرز ۽ بزنس ڪميونٽي جي اه?? اڳواڻن مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صنعتي ۽ ڪاروباري برداري جي نمائ??دن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ويليوايڊڊ ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، جڏهن ته توانائي پيڪيج، وقت سر ريفنڊز ۽ ٻين سهولتن جي ڪري درآمد ڪندڙن ۽ ڪاروباري برادر?? جا گهڻا مسئلا حل ٿيا آهن، ايڪسپورٽرز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران به حڪومت?? جامع قدمن سان نه رڳو ماڻهن جي ر??زگ??ر کي تحفظ مليو پر انهن قدمن سان ر??زگ??ر جا نوان موقعا به پيدا ٿيا، هن حڪومتي قدمن کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته هو روانگي واپار کي 13 ارب ڊالر کان وڌائي ڪري ايندڙ سال 21 ارب ڊالر تائين وٺي ويندا، هنن روانگي واپار ۽ ڪاروبار ۾ بهتري لاءِ مختلف تج??يزون به ڏنيون.