چڪدره – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ڏيوالپڻي سان تمام گهڻي مهانگائي ۽ روپئي جو مُلهه گهڻو ڪري پوي ٿو، دوست ملڪن مدد ڪري ڏيوالپڻي کان بچايو، گذريل 30 سالن دوران ملڪ جو پسئو چوري ڪيو ويو، مسلم ليگ (ن) پنهنجي ??هرئين اڍائي سالن ۾ قرضن تي وياج جي ??د ۾ 3 هزار روپيا جڏهن ته اسان 6.2 ٽريلين روپيا ادا ڪيا آهن، مسلم ليگ (ن) وياج سمڪيت قرض جي ادائيگي جي ??د ۾ 20 هزار ارب روپيا 7 اسان 35 هزار ارب روپيا واپس ڪيا آهن، سنڌ حڪومت بنڊل آئي لينڊ جزيري ۾ سيڙپڪاري جي اجازت نه ڏئي رهي آهي، مشڪل حالتن مان اسان نڪري آيا آهيون، سياحت جي شع??و ترقي ڪندو ته روزگار جا موقعا وڌندا?? ٽيڪنالاجي ۽ فني تعليم جي ??ڏي اهيمت آهي، اهڙا منصوبا لڳائي رهيا آهيون جنهن سان ملڪي دولت وڌندي، ڪو ملڪ صنعتي شع??ي جي ??روغ کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، زرعي شع??ي جي ترقي لاءِ ايندڙ هفتي نئين پاليسي آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اطهار هن يونيورسٽي آف مالاڪنڊ جي ??ئين بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دنيا جون سموريون يونيورسٽيون ڏسي چڪو آهيان، نمل يونيورسٽي پاڪستان جي آڪسفورڊ يونيورسٽي بڻجندي. القادر يونيورسٽي جي به سيپٽمبر ۾ به تڪميل ٿي ويندي، دنيا جي ??ڏن وڏن اسڪالرن کي ان جي بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪوشش آهي ته قوم کي هڪ اهڙي پڙهيل لکيل قيادت فراه?? ڪئي وڃي ته جئين اسان کي پتو پئجي سگهي ته دنيا ۾ اسان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي. هن چيو ته انسان اشرف المخلوقات آهي، انسان کي دنيا ۾ پنهنجي اچڻ جو مقصد سمجهڻو پوندو، صرف پنهنجي ??اءِ انسان جي زندگي جو مقصد نه آهي، پئسو خوشي نٿو ڏي، خوشي ان وقت ملي ٿي جڏهن انسان سڌي رستي تي هلندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ به ارب پتي ماڻهو موجود آهن ۽ کين ان جو پتو ئي ناهي ته انهن وٽ ڪيتري دولت آهي، 30 سال ملڪ جو پئسو چوري ڪيو ويو، اهڙي پئسي جو ڪهڙو فائدو جڏهن انسان پاڻ به ڪوڙ ڳالهائي ۽ سندس ٻار به ڪوڙ ڳالهائيندا هجن، ڪڏهن اسپتال ۽ ڪڏهن جيل وڃي رهيا هجن، اهو اسان جي ??اءِ عبرت جو مقام آهي، مسلمان دنيا جي ??ڏي طاقتن کي پنهنجي ڪردار جي زور تي شڪست ڏني هئي.