اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته ڪورونا جي تيزي سان بگڙجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم شهرن ۾ فوج طلب ڪري ورتي آهي ته جيئن ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته روز مره جا معاملا متاثر ٿيندا، اسان آڪسيجن جي استعمال جي 90 سيڪڙو صلاحيت تي پهچي ويا آهن، لاهور سڀ کان ??ڌيڪ متاثر آهي، احتياط ڪيو، ٻيو ڪو به چارو نه آهي.