اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي منصوبو هڪ فليگ شپ مصنوبو آهي جيڪو معاشي ترقي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ لا??ِ جيڪي قدم موجوده حڪومت کنيا آهن انهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سي اي او راوي اربن ڊلپمينٽ اٿارٽي وزيراعظم کي راوي سٽي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، خاص طور تي بڊنگ جي آغاز، ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان تجويز ڪيل لا??حه عمل، زمين حاصل ڪرڻ ۽ قاعدن ۽ ضابطن بابت لاڳاپيل معاملن کي فاسٽ ٽريڪ جي بنيادن تي اڪلائڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، راوي سٽي جي مختلف زونز جي ڊولپمينٽ ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي منصوبي ۾ گهري دلچسپي، خاص طور تي اڄ راوي سٽي جي هڪ زون جي لا??ِ 5 مشهور سيڙپڪار گروپس طرفان بڊنگ جي آغاز ۽ مستقبل ۾ نئين زونز ۾ لينڊ ڊولپمينٽ لا??ِ عالمي ڪنسورشيم طرفان دلچسپي تي به اجلاس کي بريف ڪيو وي??. ا??لاس کي راوي سٽي ۾ ٽ??ڪن??لاجي زون ۽ نالج سٽي جي زونز جي ڊولپمينٽ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي سهڪار ۽ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي حوالي سان ٿيندڙ شروعاتي اڳڀرائي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي فنانسنگ سان ويسٽ ??وٽ?? ٽريٽمينٽ پلانٽ جي قيام، زمين حاصل ڪرڻ ۾ زمين مالڪن کي من??سب قيمتن جي ادائيگي جي ڏس ۾ معاملن ۾ فيصلائتي اڳڀرائي، گرين ايرياز جي قيام کي يقيني بڻائڻ ۽ مشهور يونيورسٽين سان راوي اربن ڊولپمينٽ ينگ ليڊرز پروگرام تحت نوجوانن جي لا??ِ ملازمت جي تجويز ڪيل پروگرام تي به وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.