اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته پاڪستان ۽ چين نه رڳو سفارتي ??ور تي هڪٻئي جي ويجه?? آهن پر اسان جا لاڳاپا سياسي ۽ معاشي رخن کان تمام گهڻا اڳتي ??هن، 1950ع ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان اسان جي لاڳاپن جو آغاز ٿيو هو، 1966ع ۾ اهي اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ تبديل ٿيا جڏهن ته 1972ع ۾ معاشي لاڳاپن ۾ بدليا، هاڻي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن جو انتهائي جامع فريم ورڪ موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه تي پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪيو، وفاقي وزير چيو ته اسان کي هڪٻئي سان محبت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن تي فخر آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ آهن.