اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??يڙپڪارن جي سهولت ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم عمران ??ان ??ان پنجاب جي صنعت واري وزير ميان ??سلم اقبال ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم کي پنجاب ۾ خصوصي اقتصادي زونز جي ترقي بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اقتصادي ترقي جي لا??ِ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ فيصل آباد انڊسٽريل اسٽيٽ جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سيڙپڪارن جي سهولت ۽ ملڪ ۾ ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ميانوالي ۾ صنعتي اسٽيٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ فزيبلٽي جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن سيمنٽ، شيشي ۽ اسٽيل جي صنعتن جي لاءِ ان ??ي وڌيڪ قدرتي وسيلن کي استعمال ڪري سگهجي. اهو مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪري پوري علائقي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.