اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومت نيب آرڊيننس جا??ي ڪري چڪي آهي، ان حوالي سان ??خالف ڌر جي پريس ڪانفرنس چور مچائي شور جي برابر آهي، شاهد خاقان عباسي، خواجه آصف ۽ احسن اقبال تي نيب جا ڪيسز آهن، ايئن لڳي ٿو ته مسلم ليگ (ن) جي سموري قيادت جو پسنديده مشغلو عوام جي خدمت نه لُٽ مار هئي، جيتري تڪليف انهن جي چهرن تي هئي ان ??ريشاني جو سبب 34 نڪتا آهن جيڪي فيٽف قانونسازي جي دوران ??خالف ڌر ڏنا هئا، نيب کي بند ڪرڻ جي لاءِ 34 شقون اهي کڻي آيا، ان جو مقصد نيب جون ٽنگون، ٻانهون ٽوڙي ڇڏيون، اکيون ۽ ڪن بند ڪري اپاهج بڻائي ڇڏيون، ن ليگ 90ع جي ڏهاڪي ۾ موٽرويز، تحفظ اقتصادي سڌارا ايڪٽ تحت مني لانڊرنگ ڪئي، ٻاهرين ملڪن ۾ جا??يدادون ٺاهيون، نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪندڙن کي تحفظ اقتصادي سڌارا ايڪٽ 1999ع ??ي معافي گهرڻ گهرجي. هو قانون انصاف جي پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 34 شقن ۾ لک??و ويو هو ته هڪ ارب روپين تائين جي ڪرپشن نه آهي، ڪرپشن لکن، ڪروڙن ۽ اربن ۾ هوندي اهي، اقتدار ۾ اچي ناجائز ذريعن مان اثاثا ٺاهڻ جي اجازت ڪنهن به صورت ۾ ناهي، اڄ جيڪي نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪري رهيا آهن، ڪرپشن سان انهن جا هٿ رنڱيل آهن، شريف ڀائر پرويز مشرف جا پير جهلي 10 سالن جي لاءِ ٻاهر هليا ويا هئا، هن چيو ته سندن ڪرپشن تي وڏي ميڊيا فورمز فلمون ٺاهيون ۽ ڪتاب لکيا ويا آهن، شهباز شريف ۽ سندس خاندان تي 7 ارب روپين جي ٽي ٽيز جو ڪيس آهي، هڪ ئي بئنڪ مان ??ي ٽيز نامعلوم ماڻهن موڪليون، ريڙهي واري، پاپڙ واري ۽ فالودي واري جيڪي ڪڏهن خواب ۾ به لنڊن نه ويا انهن جي اڪائونٽس ۾ اربين روپيا مني لانڊرنگ وارا موڪليا ويا، هن چيو ته نيب قانونن ۾ نيڪ نيتي سان ترميمون آنديون ويون آهن، ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان حڪومت قدم کنيا آهن، نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان ??انون خاموش هو، آئين مان ئي رستو ورتو آهي، ڊيڊ لاڪ هجي ته معاملو پارليامينٽ ڏانهن هل??و ويندو، پارليامينٽ کي عزت ڏني آهي، پارلياماني ڪميٽي کي شامل ڪرڻ انهن کي خراب لڳي رهيو آهي، هن چيو ته نيب آرڊيننس جامع ترميمون آهن، نيب جي نظام کي وڌيڪ فعال، مضبوط ڪرڻو آهي، جتي جمهوريت ۽ اختيار هوندا آهن اتي احتساب هوندو آهي، ان کان ??ڪمي مخالف ڌر اڄ تائين نه ڏٺي، جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي اعتراض آهي ته عدالت ۾ چئلينج ڪريو، هن چيو ته شوگر ملون لڳائڻ معيشت جو ٻيڙو غرق ڪندڙ (ن) ليگ آهي، عمران خان ??زيراعظم بڻجڻ کان اڳ به 60 هزار ڊونرز جو رڪارڊ 16 واليم پيش ڪيا آهن. هن چيو ته مريم چوندي هئي ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جا??يداد نه آهي، ان کان ??ڏو ڪوڙ ڪهڙو هوندو، هن چيو ته مشورو آهي ته هي آرڊيننس پارليامينٽ ۾ اچڻو آهي، اين آر او جي لاءِ 34 شقن کانسواءِ ڪا تجويز آڻڻ چاهين ٿا ان جي آجيان ڪنداسين، اهي چاهين ٿا ته ڪرپشن سدائين جا??ي رهي، عمران خان انهن جي راهه ۾ سڀ کان ??ڏي رڪاوٽ آهي، عوام سان ڪيل واعدن کان ??وئتي نه هٽنداسين، اسان احتساب جي عمل کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين.