اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ??يڻ لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نيوزي لينڊ جي پرڏيهي ??زير ننايا مهوٽا پنهنجي پاڪستاني هم منصب شاهه محمود قريشي سان وڊيو لنڪ جي ذريعي رابطو ڪيو، ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي خاص طور تي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي ??زير افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ??يڻ ۽ افغانستان جي انساني ۽ معاشي مدد لاءِ عالمي برادري کي هنگامي بنيادن تي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. هن ??يو ته موجوده حالتن ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانين کي اڪيلائپ جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو وڃي، پرڏيهي ??زير نيوزي لينڊ جي پرڏيهي ??زير کي ڪابل مان نڪرڻ جي عمل ۾ پاڪستان پاران فراهم ڪيل مدد کان آگاهه ڪيو، هن ??يو ته پاڪستان 37 ملڪن جي 21 هزار ماڻهن سميت سفارتي عملي ۽ ميڊيا نمائندن کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪئي. نيوزي لينڊ جي پرڏيهي ??زير نيوزي لينڊ سميت مختلف ملڪن جي شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي ??زير نيوزيلينڊ جي پرڏيهي ??زير کي ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان تازو ئي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ڊوزيئر عالمي برادري جي سامهون پيش ڪيا آهن، پرڏيهي ??زير فيٽف جي حوالي سان پاڪستان پاران کنيل موثر قدمن کان نيوزي لينڊ جي پرڏيهي ??زير کي آگاهه ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نيوزيلينڊ ٽيڪنيڪي بنيادن تي پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي ??زير نيوزيلينڊ جي پرڏيهي ??زير سان ڪرڪيٽ ٽيم جي واپسي جي هڪطرفي فيصلي جو معاملو کنيو ۽ چيو ته هن هڪطرفي فيصلي سان ٻنهي ??لڪن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن جي دل آزاري ٿي. ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده نوعيت تي اطمينان جو ??ظه??ر ڪندي ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ??ظه??ر ڪيو.