اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در اتر وزيرستان، باجوڙ ۽ ڪرم ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونئيرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري انهن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 20 آڪٽوبر تي باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ مدثر، سپاهي جمشيد خان ۽ سپاهي صمد خان جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. ??در 26 آڪٽوبر تي ڪرم ضلعي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد ۽ سپاهي آصف جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻ??لهه ڪئي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي 26 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي رمضان خٽڪ ۽ سپاهي روحيل هس??ن جي گهرڀاتين سان پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻ??لهه ڪئي. ??در ملڪ جي لاءِ شهيدن جي خدمتن ۽ عظيم قرباني تي شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ??در سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.