اسلام آبا?? – 05 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اندرون سنڌ مان سوشل ميڊيا تي جهڙي طرح لڳا??ار واقعا اچي رهيا آهن، ائين لڳي ٿو سنڌ ۾ قانون جي ڪا اهميت ئي نه آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته صحافي عزيز ميمڻ جو قتل هج??، طاقتور ماڻهن جي ش??ار جي وڊيو ۽ هاڻي لاچار عورت جو قتل، بلاول صاحب هي ڇ?? رهيو آهي؟ توهان جا ويجها ماڻهو ??نهن واقعن ۾ ملوث آهن، اهڙي طرح انسانيت کي نه لتاڙيو.