اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته يوڪرائن جي صورتحال ??ان اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثر پوندا، هتي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ ف??ري سيز فائر جي ضرورت آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چي?? ته هن يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل ??ان يوڪرائن جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ف??جي تڪرار جاري رهڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي اسرندڙ ملڪن تي بدترين معاشي اثرن تي روشني وڌي. هن فوري سيز فائر ۽ حالتون معمول تي آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ??ان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ا??ان ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪي?? ته پاڪستان جهڙا ملڪ ان صورتحال ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چي?? ته هو گڏيل مقصدن جي فروغ لاءِ ويجهي رابطي جو خواهشمند آهي.