اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ک?? قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي امير وزيراعظم شهباز شريف ک?? وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان قطر لا??اپ?? کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پوري حمايت جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لا??اپ?? جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، خاص طور تي وزيراعظم پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ معاشي سرگرمين کي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، م??اصلات، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن. وزيراعظم سيڪيورٽي، صحت ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي ڀلائي لاءِ قطر جي قدمن کي پڻ ساراهيو. وزيراعظم افغان امن عمل ۾ قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته ٻئي ملڪ افغان عوام جي لاءِ امن، استحڪام ۽ انساني ??مد??د جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهن. وزيراعظم قطر جي امير کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ويجها گڏيل ??اب??ا مضبوط ڪرڻ ۽ پاڪستان قطر لا??اپ?? ۾ استحڪام ۽ وڌيڪ سگهه آڻڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.