اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪ چين دوستي سڄي دنيا ۾ هڪ مثال آهي، اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ سفارتي لاڳاپن سان پاڪ چين دوستي جو آغاز ٿيو، اقتصادي لنگهه جهڙا منصوبا پاڪ??تا?? جي اندر اقتصادي خوشحالي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ سميت خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جو مظهر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي چيني قونصليٽ جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف جو خصوصي پيغام به پڙهي ٻڌايو. وفاقي اطلاعات و??ري وزير چيو ته اڄ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيا، اڄ هڪ تاريخ جو ڏينهن آهي، پاڪ??تا?? ۽ چين جي و?? ۾ ??اڳاپا ان لاءِ به خاص اهميت رکندڙ آهن ته اهي ٻنهي ملڪن جي عوام سان شروع ٿيندا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي، هن چيو ته جڏهن به چين جو ڪو به منصوبو پاڪ??تا?? ۾ ايندو آهي ته اسان کي يقين هوندو آهي ته اهو اسان جي فائدي لاءِ هوندو، اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو، اهڙا واقعا پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوشش آهن، ان واقعي کانپ??ءِ وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي ۽ انفرااسٽرڪچر ميڪينزم جو نئين سر جائزو ورتو ۽ هن وقت هو سڀني معاملن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪراچي جو واقعو پيش آيو ته وزيراعظم شهباز شريف سڀئي مصروفيتون ختم ڪري چيني قونصليٽ آيو، وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي ميڪينزم کي بحال ڪيو، هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? ۾ ??اڻ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد جو رشتو آهي، هتي ڪيترائي منصوبا آهن جيڪي سدائين لاءِ پاڪ چين دوستي کي لازوال رشتي ۾ جوڙيندا آهن، اطلاعات و??ري وفاقي وزير ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي چين جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم جي مستقل خواهش آهي ته چين سان دوستي ۽ اعتماد جي رشتي کي نئين بلندين تائين پهچايو وڃي ۽ ان رشتي کي مضبوط بڻايو وڃي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ به ڪٽيو ان موقعي تي اطلاعات و??ري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.