اسلام آباد – 23 R11; مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي اقتصادي فورم جي ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري موجب پرڏيهي وزير کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت عالمي اقتصادي فورم جي صدر ڏني آهي، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 23 کان 26 مئي تائين ڊيووس ۾ فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير ٻئي حاضر عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي عالمي اقتصادي فورم جي ڪيترن ئي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا. پرڏيهي وزير اڀرندڙ جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي جي معاشي ۽ سماجي اثرن سان گڏوگڏ ڪورونا وبا، خوراڪ ۽ توانائي جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جي باي ۾ پاڪستا?? جو موقف پيش ڪندا، بلاول ڀٽو زرداري سالياني اجلاس ۾ شرڪت پنهنجي هم منصبن سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو، ورلڊ اڪنامڪ فورم هر ??ال سياسي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي نم??ئندن، سول سوسائيٽي ۽ سڄي دنيا کان نوجوانن جي نم??ئندگي کي گڏ ڪري ٿو ته جيئن معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي چئلينجن تي ضابطو آڻن لاءِ راهن جي نشاندهي ڪري سگهجي.