انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آه??، ترڪ سيڙپڪار ان مان فائدو کڻن، حڪومت هر ممڪن سهولت فرهام ??ندي، خوشحال معاش??ي جي جوڙجڪ لاءِ فڪر تازا ۽ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آه??. پاڪستان ترڪي بزنس ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا رشتا هموار آه?? ۽ ٻئي ملڪ دوستي جي مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آه??، ٻنهي ملڪن جي زبان ڌار، پر ثقافت هڪ ئي آه??، پاڪستان ۽ ترڪي هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آه??، ترڪ عوام زلزلي، ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ پاڪستان سان تمام ??هڻو تعاون ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا ۽ روس – يوڪرين جنگ جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو آه??، وزيراعظم چيو ته گذريل رات ترڪ واپارين سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جا موقعا موجود آه??. هن ترڪ واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي جي دعوت ڏيندي چيو ته ترڪ سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آه??، هن ٻنهي ملڪن جي ڪارسازي ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽ??ي جي شعبي ۾ تعاون جا موقعا موجود آه??. هن چيو ته سندس حڪومت پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آه??، پاڪستان زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترڪي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا موجود آه??، پاڪستان ۾ ڊيمز جي شعبي ۾ تمام ??هڻي سيڙپڪاري ٿي رهي آه??، وزيراعظم چيو ته پن بجلي سا?? 40 ??زار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود آه??، ترڪ سيڙپڪارن کي ان مان فائدو وٺڻ گهرجي، وزيراعظم جديد ۽ خوشحال معاش??ي جي جوڙجڪ لاءِ جدت ۽ فڪر جي اهميت جي اجاگر ڪندي چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آه?? جيڪي نئين سوچ، جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻينديون آه??، هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آه??، انهن کي جيڪڏهن جديد مهارتن ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو وڃي. هن چيو ته آءِ ٽي جي شبعي ۾ وسيع موقعا موجود آه??، وزيراعظم ترڪ ڪمپنين کي پاڪستاني ڪمپنين سان گڏيل منصوبن جي تجويز به ڏني ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي راهه ۾ آيل سڀئي رڪاوٽون ختم ڪندي ۽ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، واپار وارو وزير سيد نويد قمر ۽ چ??ڌري سالڪ حسين سميت پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.